شام ڪلياڻ

شام ڪلياڻ (راڳ): هي ڪلياڻ ٺاٺ جو سمپورن يعني ستن سرن جو راڳ آهي. هن راڳ ۾ ٻئي مڌم استعمال ۾ ايندا آهن. شام ڪلياڻ ۾ واديءَ جو سُر کرج (سا) ۽ سم واديءَ جو سر تيور مڌم (مي) آهي. هن راڳ کي آلاپڻ ۾ ڪاموڏ جو رنگ پڻ نظر ايندو آهي،پر فرق اهو آهي ته ڪاموڏ ۾ نکاد ۽ گنڌار ڪمزور يعني گھٽ مقدار ۾ لڳڻ ڪري شام ڪلياڻ ۽ ڪاموڏ ۾ فرق نظر ايندو آهي. هن راڳ جي سرن ۾ شاهه سائينءَ جي ڪجھه مڌآستان واري رنگ ۾ سر شامل لڳن ٿا. رکب ۽ مڌم جي سنگت سان ٿوري شڪل راڳ گونڊ ملهار جي به نظر اچي ٿي. هن راڳ ۾ نکاد (ني) جو سر ظاهر لڳائڻ سان ديسي ملهار به محسوس ٿيندو آهي. پنڊتن جي ڏنل خيالات مطابق شام جي نالي سان انهيءَ ڪري رکيو ويو آهي ته جيئن هي راڳ وقت جي قيد ۾ رهي آلاپجي. هي راڳ همير ڪلياڻ، گونڊ ملهار ۽ ڪيدار جي وچان ٺاهيو ويو آهي. هن راڳ جي آروهيءَ ۾ گنڌار ۽ نکاد جا سر ورج ڪيا ويا آهن.
آروهي: ني-سا-ري-ما-ري-مي-پا-ڌي-پا-ني-سا
امروهي: سا-ني-ڌي-پا-مي-پا-گي-ما-ري-ني-سا
شام ڪلياڻ جو ڪلاسيڪل چالو
سا-ري-ما-ري-سا-ني-سا-ري-مي-پا-ڌي-پا-مي-پا-ما-ري-پا-گي-ما-ري-ني-سا
پا-ني-سا-ري-ني-سا-ري-مي-پا-ڌي-مي-پا-گي-ما-پا-گي-ما-ري-ني-سا-پا-ما-ما-ري-ني-سا
ما-ري-ني-پا-ني-ري-ني-سا-سا-ري-مي-پا-ڌي-ڌي-ڌي-پا-گي-ما-ري-ني-سا
پا-پا-پا-ني-سا-ري-ري-ني-سا-مي-پا-ري-ني-سا-ري-ما-ري-پا-مي-مي-پا-ني-مي-پا-مي-پا-ڌي-مي-پا-ما-گي-گي-ما-پا-ڌي-مي-پا-گي-ما-پا-گي-ما-ري-ني-سا-ري-مي-پا
پا-پا-سا-ري-ني-سا-ما-ري-ني-سا-ني-ڌي-پا-مي-پا-ما-ني-ري-ني-مي-پا-ڌي-مي-پا-گي-ما-پا-ڌي-ما-پا-گي-ما-ري-سا-ني-سا.


لفظ شام ڪلياڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو